عبدالهادي مرزا حڪيم

عبدالهادي مرزا، حڪيم: ڪلهوڙن جي دور جو نامور حڪيم مرزا عبدالهادي اصل ايران جو هو. ٺٽي پرڳڻي ۾ سير خاطر آيو هو. ميان محمد خداداد خان بن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي هن کي پاڻ وٽ رهايو. جڏهن ميان محمد خداداد خان هندستان هليو ويو، تڏهن ميان نور محمد عبدالهاديءَ کي پنهنجي درٻار ۾ جاءِ ڏني. 1167هه 1754ع ۾ ميان نور محمد جي وفات کانپوءِ عبدالهادي هندستان هليو ويو، جتان 1175هه/ 1761ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کيس واپس گهرائي ورتو. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، “عبدالهادي مرزا ايترو بلند پايي جو طبيب هو، جو سندس مثال ڪونه هو. طبي ڪمال ۾ مرجع خلائق هو. آسپاس ته ٺهيو، پر پري پري کان به ڪيترائي ماڻهو وٽس علاج لاءِ ايندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو